Saturday, June 25, 2011

لاثاني/لافاني ۽ پراسرار ڪلام







لطيفيات/شاهه جو رسالو

لاثاني/لافاني ۽ پراسرار ڪلام




سنڌ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڏات ۽ ڏانءَ تي جيترو لکيو ويو آهي شايد ئي ٻيو ڪنهن تي لکيو ويو هجي.

ان جي باوجود، ‘شاهه جو رسالو’ اڄ به ساڳي ئي شروعاتي دؤر ۾ جيئن جو تيئن ‘مٽ’ ۾ پيو آهي.

‘گنج، سميت ڪيترائي قلمي، دستخطي ۽ ڇاپي نسخا ميدان ۾ نروار ٿيا. بيتن ۽ واين جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندي رهيو. زيرون، زبرون ۽ پيش بدلجندا، هيٺ مٿي ٿيندا رهيا. پر پراسرار لطيف جو پُراسرار ڪلام پراسرار ئي رهيو.

ايئن چوندي/لکندي ڪنهن به ٻني بشـر جي نيتن تي شڪو شڪ اٿم نه ئي انهن جي محنتن ۽ محبتن کان انڪاري آهيان. ڳالهه آهي لطيف پاڪ جي ڪلام جي واضح ۽ درست صورت اڳيان اچڻ جي، جيڪا اڃا تائين واضح ۽ درست اڳيان اچي نه سگهي آهي.

محنتون ۽ محبتون پنهنجي جاءِ تي، انهن جو قدر ڪرڻ به ضروري آهي/ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب پڻ محنت ۽ محبت ڪا گهٽ نه ڪئي هئي. پر سندس انهن محنتن ۽ محبتن جي باوجود تڏهن کان ئي سندس ئي دؤر ۾، سندس ئي همعصر لطيف جي هڪ عاشق محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب نه رڳو سندس محنتن ۽ محبتن تي تلخيءَ سان منڌيئڙو ڦيرايو هو پر هُن مٿس ڪئين شڪ به ڪيا هئا.

اهي سڀ لاثاني لطيف جي لافاني ڪلام جا ڪرشما آهن جو هر دور ۾ سندس عاشق جذباتي ٿي مٿس ڪک به نه سهندا آهن. ۽ اهي ئي معجزا آهن جو ‘شاهه جو رسالو’ صدين جي اٿل پٿل، دونهن ۽ دوساڙن کان پوءِ به سج وانگيان روشن رهندو پيو اچي.

پوڻين ٽن صدين کان پوءِ اڄ به هو اسان جي هٿن ۾ ساڳيئي ٻل ۽ سونهن سان پڙلاءَ ڪري رهيو آهي.

صدين جي ناسازگار ۽ اڙانگي سفر دوران لطيف پاڪ جي وقت ۽ ساڳي دور جي يا وري پوءِ واري ماضيءَ جي ڪن ننڍن وڏن سگهڙ شاعرن جا ڪلام ‘شاهه جي رسالي’ ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن. جن جي نيت به ضرور پاڻ کي جيئرو رکڻ کان سواءِ ٻي ڪانه هئي. ڇو جو کين پڪ هئي ته وقت جي ٻوڏ ۾ سندن ڪلام کي ڪک پن ٿيڻ کان سواءِ لطيف پاڪ جي ٻيو ڪوبه جهلي نٿو سگهي. ۽ انهن اهو درست ئي سمجهيو هو. ۽ سچ به لطيف پاڪ کين صدين پڄاڻان اسان تائين امانت باسلامت طور پهچائي ڇڏيو آهي.

اها ذميداري هاڻي اسان جي آهي ته، ‘شاهه جي رسالي’ ۾ شامل ڌارئي ڪلام کي ڌار حيثيت ڏيون جيڪا پڻ نهايت حساسيت ۽ خبرداريءَ واري ذميداري آهي.

مٿين سڀني ڳالهين ۽ ذميدارين کان وڌيڪ اهم ۽ نفيس ذميداري خود لطيف پاڪ جي ڪلام کي سڃاڻڻ، ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي آهي. جيڪو اڄ تائين ڌنڌ ۽ ڇانولن جي نظر رهيو آهي.

ڪم ته هر ڪو پيو ڪري ۽ سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش بلڪه دعويٰ به هرڪو پيو ڪري، سوال اهو آهي ته اهي ڪوششون ۽ دعوائون ڪهڙي بنياد تي ڪيل آهن؟

‘شاهه جو رسالو’، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ عظيم شاهپارو آهي. اها ٻولي جنهن کي لطيف پاڪ جا سڀئي شارح ۽ محقق سندس ٻولي کي صديون پراڻي بلڪه متروڪ ٿيل ٻولي قرار ڏيئي رهيا آهن ۽ پاڻ ان تي پنهنجي پاران ذاتي طور محنتون ۽ ڪوششون ڪري رهيا آهن ته جيئن ماڻهن کي سمجهائي سگهجي.

جڏهن ته اهائي آشڪار حقيقت آهي ته، لطيف جي ٻوليءَ کان اڻ واقف ماڻهو لطيف جي ٻولي ڪيئن سمجهائي سگهندو؟ اهوئي ڏچو لطيف سان هر دور ۾ هلندڙ آهي. جنهن جي شروعات ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪئي. ۽ سندس پويان سندس شاگرد ۽ پوئلڳ ساڳيئي واٽ ۽ سمت تي هلڻ لڳا جن جي نڪا واٽ درست هئي. ۽ نڪا سمت صحيح هئي. جو انهن هر اهو لفظ جيڪو سندن ترجو نه هو بلڪه جيڪو سندن ٻڌل ئي نه هو. ان جي معنيٰ يا ته مفهوم موجب ڏنائون يا ٻين ٻولين مان ڪڍندا رهيا يا وري انهيءَ هاڃي ٻوٿ ڪڍيو ته اهو اڻ ٻڌل لفظ شروعاتي بلڪه پهرين ڪاتب جي غلطي ڪوٺي رسالي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اهو انداز اڃان به جاري ساري آهي ۽ اهي شارح ۽ محقق پاڻ کي پاڻ اٿارٽي ۽ مستند سمجهي ‘شاهه جي رسالي’ مان ڀـيرا ڀڃي رهيا آهن. جيڪا ڳالهه ضرور تڪليف ڏيندڙ ۽ جذبات ۾ آڻيندڙ آهي. ڇو جو لطيف پاڪ جي ٻولي اها حيرت ناڪ ٻولي آهي جيڪا صدين پڄاڻان اڄ به ساڳي صورت ۽ تلفظ ۾ ڳالهائي پئي وڃي.

ڪنهن مقالي ۾ پڙهيم ته لفظ ‘ڪُنڀاران’ ۽ ان قسم جا اهڙائي ٻيا لفظ اڄ ڳالهايا نٿا وڃن يا وياس، مٺياس، ٻڏياس، وغيره پڻ هاڻي مروج ناهن. جڏهن ته اهڙا حتمي فيصلا ڏيڻ کان اڳ ۾ کين سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ جي ٻولي جي واقفيت رکڻ ضروري آهي.

ڪوهستان ۾ اڄ به مٿان لفظ ساڳين معنائن ۾ عام ڳالهايا وڃن ٿا. مثال،

جملو آن (مان) اڄ به ڪنڀاران (ڪنڀارن) ڏي ويئي هياس گهاٽي (گهڻي) ديرٻيٺياس (ويٺيس) تر (تڏهن) مَٽَ ڏنائين.

جملو: انبان جي وڻان (وڻن) ٻور جهليو اهي (آهي)

يعني، جيڪو لفظ ڪنهن هڪ تر ۾ نٿو ڳالهايو وڃي ان جو اهو مطلب ڪونهي ته اهو لفظ اڄ وجود ئي نه ٿو رکي يا ڪو اهو ڪاتب جي غلطيءَ کان لکجي ويو آهي.

سڀ کان پهرين ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب لفظن جي معنائن ۾ پاڻ هڃرايون ڪيون. مثال: لفظ ‘جريدي’ جي معنى کان پاڻ واقف نه هو ته ڀانيائين اهو لفظ ئي سنڌيءَ جو ناهي ۽ پوءِ لفظ ‘جريدي’ کي عربيءَ جو لفظ قرار ڏيئي ڇڏيو هو ته، “عربي ۾ لفظ ‘جريده’ جي معنى آهي ‘اڪيلي’. جڏهن ته لفظ ‘جريدي/جريديون /جريدو/جريدا’ اڄ به ڪوهستان ۾ تيار، انهيءَ مهل تيار (ريڊي ميڊ) جي معنيٰ ۾ عام ڳالهايو ويندو آهي.

مون اهڙن لفظن جون معنائون ۽ اهڃاڻيون ڪراچي يونيورسٽي (لطيف چيئر) پاران ڇپايل پنهنجي ٻنهي ڪتابن 1- ‘ڇپرڪين ڏي’ (2002ع) 2- ‘شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو تحقيقي جائزو’ (2006ع) ۾ تفصيل سان ڏنيون آهن.

دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي ائين هجي جو 3صديون پراڻي ٻولي ساڳي طرح ۽ معنائن سان ڳالهائي ويندي هجي جيئن شاهه جي رسالي ۾ ڪتب آيل ٻولي اڄ به جيئن جو تيئن ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي آهي. جيڪا ڳالهه ضرور لطيف جي انهن شارحن، محققن ۽ پارکوئن لاءِ حيرت جهڙي هوندي جن جو واسطو لطيف جي ٻولي سان ناهي. يا انهيءَ علائقي سان ناهي. جتي اها ٻولي اڄ به ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي.

اهوئي سبب آهي جو اڄ تائين ‘شاهه جو رسالو’ درست ۽ اصلي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي نه سگهيو آهي.

باقي اها ضرور لطيف پاڪ جي ڪلام جي آفاقي ۽ الهامي قوت آهي جيڪا کيس وقت جي طوفانن ۽ زلزلن کان بچائيندي پئي اچي. اميد آهي ته لطيف جي اهائي قوت، ‘شاهه جي رسالي’ کي مڪمل ۽ درست صورت ۾ ماڻهن جي اڳيان آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. (آمين)

No comments:

Post a Comment